Language

سنڌي سائنس اڪيڊميSindhi Science Academy

 

سنڌي سائنس اڪيڊمي اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو اهم شعبو آهي،  هن جو مقصد سنڌ جي معاشري جي سائنسي وايو منڊل ۾ تبديلي آڻڻ آهي.  اهو تڏهن ممڪن بڻجي سگهندو جڏهن سنڌي ماڻهن ۾ سائنسي فهم عام ٿيندو ۽ هن اداري جا اراڪين انهيءَ سوچ تي قائم رهندي عملي ڪم ڪري رهيا آهن دراصل سنڌي زبان جي اظهار ۾ ايڏي  ته وڏي وسعت ۽ لچڪ آهي جو ان ۾ هر علم جي اصطلاح سازيءَ جو مڪينزم باآساني وجود ۾ اچي سگهي ٿو.  ضرورت فقط ٻوليءَ جي ماهيت کي سمجهي علمي اصطلاح جوڙڻ ۽ انهن جو مناسب استعمال جي مهارت جي آهي.  قوم جي خوشحالي صرف قوم جي ذهانت تي دارومدار رکي ٿي.  پر اسان جا نالي ۾ نهال عالم  سنڌي ٻوليءَ جي قدروقيمت جو شعور نه رکندا هئا، جنهنڪري انهن ڪڏهن به نه سوچيو ته اسان جي ٻوليءَ کي سائنسي تعليم جو ذريعو بنائجي جنهن سان پوم جو مستقبل روشن ٿيندو. سنڌ جي تعليمي ماهرن جي روگرداني سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪي گرداب ۾ وجهي ڇڏيو.

 

اوسر پيڙهڪا امانتاڻو سنڌي سائنس اڪيڊمي جو پروگرام جاري رکندي، سنڌي_انگريزي، انگريزي_سنڌي ۽ سنڌي_سنڌي لغتن تي ڪم ڪري رهي آهي.  سنڌي لغت ۾ لفظن جي معني کي نون ذاوين کان روشن ڪيو ويو آهي.  پهريون ڀيرو سائنسي مضمونن جا سنڌي ترجما ڏنا ويا آهن انگريزي سائنسي لفظن جا متبادل سنڌي اصطلاح آشڪار ڪيا ويا آهن جن کي هيٺ ڏنل ويب سائيٽن تي ڏسي سگهجي ٿو.

 

http://sites.google.com/a/faculty.muet.edu.pk/aau

http://ga.water.usgs.gov/edu/watercycle.sindhi.htm

http://sd.wikipedia.org

http://sd.wiktionary.org

 

سنڌي سائنس اڪيڊمي جو نگران ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي آهي جو لغتن جي بنيادي ڪم کي به سرانجام ڏئي ٿو.

 

 

اوسر انعامي بورڊ

 

اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو هي هڪ اعزازي بورڊ پنجن ميمبرن تي مشتمل هوندو، جنهن جو مقصد سنڌي زبان ۾ سائنسي علم جو ڦهلاءُ ڪرڻ هوندو.   اهو بورڊ انهن حصو وٺندڙن کي ”شمس انعام“ سان نوازيندو جيڪي سائنس، ڳڻپيوڪر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ نمايان ڪم سر انجام ڏيندا.

 

”شمس انعام“ جو سلسلو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي سنڌي ٻولي ۽ تعليم لاءِ ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.  اهي انعام هر سال 2 فيبروريءَ تي حقدارن کي يادگار ميڙ ۾ ڏنا ويندا.  اوسر پيڙهڪا امانتاڻه هر سال 50000 هزارن تائين جا شمس انعام مختلف کيترن ۾ کٽيندڙن کي ڏيندو.

 

  1. سائنسي موضوع تي لکيل ڪتاب، جيڪو سنڌي سائنس ايڪڊمي جي معيار مطابق هوندو تنهن جي ليکڪ کي 20 هزار روپيه انعام ڏنو ويندو.
  2. سائنسي موضوع تي لکيل مضمون جيڪو سنڌي سائنس اڪيڊمي جي معيار مطابق هوندو تنهن جي ليکڪ کي 10 هزار روپيه انعام ڏنو ويندو.
  3. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڳڻپيوڪر جي فيلڊ ۾ ڪنهن به نئين سافٽ ويئر ٺاهڻ يا اڳ ئي هلندڙ سافٽ ويئر  ۾ بهتري آڻڻ جي صورت ۾  10 هزار روپيه انعام ڏنو ويندو.
  4. سنڌي ٻوليءَ لاءِ انٽر نيٽ ۾ ڪيل بهتر کان بهتر ڪم ڪندڙ کي پڻ 10 هزار روپيه انعام رکيو ويو آهي.