Muhammad Ramzan Osar Girls High School

تعارف

محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاءِ اسڪول جهڻ موري، اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو ستون ادارو آهي جيڪو سال 2014ع ۾ قائم ڪيو ويو آهي.  هن اداري لاءِ محترم ڊاڪٽر شهاب الدين ڪلهوڙو صاحب جن امداد مهيا ڪئي جنهن جي مڃتا ۾ هي ادارو سندس والد صاحب جي نالي “محمد رمضان ڪلهوڙو” سان منسوب ڪيو ويو آهي. هن اداري لاءِ ڏهه هزار فٽن جو پلاٽ محترم رياض ٽالپر جن اوسر پيڙهڪا امانتاڻه کي وقف ڪري ڏنو آهي. هن اداري ۾ شروعاتي طور پنج ڪمرا اڏرايا ويا هئا. پر جلد ئي ڊاڪٽر ضياءُالدين شيخ ۽ محترم غلام قادر قاضي صاحب جن جي امداد سان هن اسڪول ۾ ٻه ٻيا ڪمرا به جوڙايا ويا آهن.