Jean Manzoor Memon Osar School

تعارف

جين منظور ميمڻ اوسر هاءِ اسڪول اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو ٻيون ادارو آهي جيڪو سال 2007ع ۾ ڊاڪٽر منظور ميمڻ جي مالي سهائتا سان قائم ڪيو ويو. ڊاڪٽر منظور صاحب جن انگلينڊ ۾ مقيم آهن ۽ پنهنجي ڪارخيري سان تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. سندن خواهش مطابق هي اسڪول جين (سندس وني) ۽ منظور ميمڻ (سندس نالي) سان منسوب ڪيو ويو آهي.  هن اسڪول لاءِ ڏهه هزار اسڪوائر فٽن جو پلاٽ محترم منٺار ڀيل جن پنهنجي قيمتي زمين مان اوسر پيڙهڪا امانتاڻه کي وقف ڪيو.  هن اسڪول ۾ شروعاتي طور ٻه ڪمرا جوڙايا ويا. اڄ هي اسڪول 12 ڪمرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هڪ سائنس ۽ هڪ ڳڻپيوڪر ليبارٽري پڻ قائم ڪئي وئي آهي.