Gul Ursani High School Qasimabad

تعارف

گل عرساڻي هاءِ اسڪول پرائمري سطح کان سال 2005ع ۾ شروع ڪيو ويو هو. هن اداري جو افتتاح مئي 2005ع ۾ محترم سليم عرساڻي صاحب جن پنهنجي دست مبارڪ سان ڪرڻ فرمايو. گل عرساڻي هاءِ اسڪول، گل خاتون جي نالي سان منسوب ٿيل اسڪول آهي. گل خاتون محترم سليم عرساڻي جي والده ماجده جو نالو آهي.  جيڪو محترم سليم عرساڻي جي ڏنل امداد جي عيوض رکيو ويو آهي.  هن اسڪول تي وقت به وقت 60 لک خرچ اچي چڪو آهي جنهن جو وڏو حصو محترم سليم عرساڻي جن ادا ڪيو آهي.  هي اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو پهريون ادارو آهي. جنهن ۾ اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو صدر دفتر پڻ قائم آهي.

 

ڄامشورو روڊ قومي شاهراهه وٽ هونڊا پيليس جي نزديڪ اوسر تعليمي مرڪز قاسم آباد جي شاندار ٽه ماڙ بلڊنگ نمايان نظر اچي ٿي.  اها حيدرآباد جي شهر توڙي پس گردائيءَ واري ٻهراڙيءَ سان قريبي مفاصلي تي آهي.  اها خوبصورت بلڊنگ امتياز احمد عرساڻيءَ جي ڊزائين ڪيل آهي.  جيڪو هن امانتاڻه جو امين پڻ آهي.  ان عمارت جا ٻه طبقا اڃان تعمير ٿيڻا آهن ان جي وسيع تر ايراضيءَ واري پلاٽ تي اوسر پيڙهڪا جا اهم شعبا جڙڻ وارا آهن.  هن وقت هن مخصوص بلڊنگ ۾ اوسر پيڙهڪا جا چند اهم ادارا هلي رهيا آهن.  انهن جو سلسليوار ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

 

گل عرساڻي هاءِ اسڪول    Gul Ursani High School

 

گل عرساڻي اسڪول بنيادي تعليم جو ادارو آهي جيڪو پنجن سالن جي ٻار کي پهرين درجي ۾ داخلا ڏيندو آهي. جڏهن ته ان کان ننڍن ٻارن لاءِ ٻه سال قبل ابتدائي (پري پرائمري ) ڪلاسن جو انتظام ڪيو ويو آهي.  محمد سليم عرساڻي (چيف پروموٽر اوسر پيڙهڪا امانتاڻو) جي اوسر پيڙهڪا لاءِ ڪيل مال سهائتا کي مڃتا ڏيندي اسڪول جو نالو سندس مرحومه والده ماجده گل خاتون عرساڻيءَ تي رکيو ويو آهي.  هي اسڪول سمورن جديد ترين سهوليتن سان آراسته آهي.  جن منجهه سکيا لاءِ سڻدار ڏيکدار Audio visual  ذريعا استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ٻارن جي مطالعي سان دلچسپي وڌائڻ لاءِ هم نصابي ڪتاب تيار ڪرايا ويا آهن.  ان کانسواءِ ڳڻپيوڪر ذريعي اثرائتي سکيا ڏيڻ لاءِ مخصوص سافٽ ويئر جوڙايو ويو آهي.  هر ڪلاس اندر وڌ ۾ وڌ 24 شاگردن کي پاڙهيو ويندو آهي.  جيئن هر شاگرد کي انفرادي توجه ملي سگهي.  جيئن ته اوسر پيڙهڪا جو اولين مقصد ڪاروبار نه بلڪه تعليم جي حقيقي خدمت ڪرڻ آهي. تنهن ڪري اداري طرفان مستحق ٻارن لاءِ وظيفو ۽ مفت ڪتابن جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي.

 

حافظ محمد صادق استاد جو تربيتاڻو

Hafiz Muhammad Saddique Teachers Training Institute.

 

اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جي ڪارساز شعبن ۾ هي ادارو مضبوط بنيادن تي قائم ٿي چڪو آهي ۽ مستقبل ۾ ان تربيتاڻه کي هڪ دائمي ڪاليجي صورت ۾ رجسٽر ڪرايو ويندو. حافظ محمد صادق مرحوم سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ هڪ معروف نالو آهي جنهن جي خدمتن کي تربيتاڻه جي نالي ۾ محفوظ رکيو ويو آهي.  گل عرساڻي اسڪول جي قيام سان ئي پرائمري ۽ ثانوي ڪلاسن جي استادن کي ويڪيشن دوران تربيت ڏيڻ واسطي عملي تعليم ڏيڻ جو گل خاتون ورڪشاپ شروع ڪيو ويو.  اهو ورڪشاب بنا ڪنهن اجوري جي سکيا ڏيندڙ استادن لاءِ مفت ۾ جاري رهي ٿو.  جنهن مان اوسر تعليمي مرڪزن وارن اسڪولن سان وابسطه استادن کان سواءِ ٻين به خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جا متعدد استاد هر سال استفادو وٺندا رهندا آهن.  پورو معياد سکيا وٺندڙ استادن کي آخر ۾ تربيت جي تڪميل جو تصديق نامو پڻ جاري ڪيو ويندو آهي.  تعليمي سکيا ڏيڻ واسطي ماهر استادن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن.  جيڪي هو رضاڪارانه طور خدمت جي جذبي طور ادا ڪندا آهن.

 

 

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي سائنس ڪاليج

Dr. Shamsuddin Ursani Sindhi Science College

 

اسان جي قوم سائنسي تعليم ۾ دنيا کان تمام گهڻي پٺتي رهجي وئي آهي اڄ اسان وٽ سٺا شاعر ، اديب ته آهن پر مادري ٻوليءَ ۾ سائنسي تعليم نه هئڻ سبب سٺا انجينيئر ۽ سائنسٽسٽ پيدا نه ٿي سگهيا آهن. ان صورتحال کي مدنظر رکندي اوسر پيڙهڪا امانتاڻه ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي سائنس ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي سائنس ڪاليج ۾ نائين درجي کان ٻارهين درجي تائين سائنسي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏني ويندي جنهن ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرڱ ۽ ڳڻپيوڪر جا ڪلاس هلايا ويندا. ڪاليج لاءِ ڳڻپيوڪر، ComputerطبعياتPhysics ، ڪيمياتChemistry ، حيوانڀياس Zoology، ٻوٽاڻڀياس Botany، لاءِ مناسب تجربيگاهون مهيا ڪيون وينديون.  يارهين ۽ ٻارهين درجي لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪتابن جو انتظام پڻ ڪيو ويندو.  ان کانسواءِ جديد سائنسي پيش رفت کان آگاهي ڏيڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ جديد ترين سائنسي مضمون ۽ تحقيقي مقالا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي شاگردن کي جديد سائنسي سوچ سان منور ڪيو ويندو ۽ ڪن شاگردن کي سنڌيءَ ۾ سائنسي علم جي تاليف لاءَ پڻ تيار ڪيو ويندو.  اهڙا مضمون اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جي ويب سائيٽ تي عام پڙهندڙن لاءِ پڻ رکيا ويا آهن، جن جو سنڌيڪار اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو امين ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي آهي.

 

 

 

محمد اسماعيل عرساڻي ڪتاباڻو

Muhammad Ismail Ursani Library

 

محمد اسماعيل عرساڻي جو نالو سنڌ جي تعليمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻو هاڪاريل آهي.  سندس شخصيت ڊراما نگار، مضمون نويس، زباندان، نصاب نويس، تعليمي ماهر ۽ پنهنجي وقت جي هڪ برجسته عملدار ۽ هڏڏوکي آفيسر جي حيثيت سان ساري سنڌ ۾ شناسائي رکي ٿي. خاص ڪري سنڌي درسيات ۽ نصاب کي وڏي معيار تي رسائڻ ۽ بنيادي تعليم پکيڙڻ ۾ سندس پورهئي جو نچوڙ شامل آهي سچ پچ ته هو سنڌ جي تعليمي تاريخ جو هيرو آهي.  سندس بي لوث خدمتن کي ياد رکڻ ۽ سندس مڃتا طور اوسر پيڙهڪا طرفان اوسر تعليمي مرڪز قاسم آباد ۾ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي. جنهن مان شاگرد استفادو حاصل ڪندا ۽ ان کان علاوه ٻين عام و خاص پڙهندڙن لاءِ به مطالع جو اوقات مقرر ڪيا ويندا.