Fatima Laghari Osar Girls School

تعارف

فاطمه اوسر گرلز اسڪول ڳوٺ ٽالهو خان لغاري، يوسي: ڀاڻوٺ، تعلقو: هالا، ضلعو: مٽياري، اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو ڇهون تعليمي ادارو آهي. جنهن کي سال            ۾ قائم ڪيو ويو آهي. هن اداري لاءِ محترم اڪبر لغاري صاحب جن پنهنجو قيمتي 10 هزار اسڪوائر فٽن جو پلاٽ ڊونيشن ۾ ڏنو. جڏهن ته هن جي اڏاوت لاءِ چاچا محمد علي لغاري جن ساڍا 8 لک رپيا بطور امداد ڏنا. چاچا محمد علي لغاري جي امداد ڏيڻ جي عيوض اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جي سٿ هن اسڪول کي چاچا محمد علي لغاري جي گهر واري مرحومه فاطمه لغاري سان منسوب ڪيو آهي.

هن وقت فاطمه اوسر گرلز اسڪول ۾ 66 ڇوڪريون مفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جڏهن ته 5 ٽيچرس ڪم ڪري رهيون آهن. هن اسڪول جي سمورين ڇوڪرين جي في محترم اڪبر لغاري صاحب جن ادا ڪندا آهن. جڏهن ته هن اسڪول جي سڀني ڇوڪرين کي ڪتاب، ڪاپيون ۽ يونيفارم وٺي ڏيڻ جا اخراجات پڻ محترم اڪبر لغاري صاحب جن هر سال ڪرڻ فرمائيندا آهن.