Education

اوسر تعليمي سرشتو

اوسر تعليمي سرشتي جو شعبو اوسر پيڙهڪا امانتاڻه اندر ول جي حيثيت رکي ٿو.  اوسر تعليمي سرشتو جو عملي دائرو اعلي تعليمي ماڊل اسڪولز ۽ ڪاليج، قائم ڪرڻ کان علاوه استادن جا تربيتاڻه، لائبرريون، آڊيٽوريم ۽ تعليم سان وابسته هر  ادارو قائم ڪرڻ آهي.  اهي  سڀ ادارا اوسر تعليمي سرشتي تحت ڪم ڪندا. جن جو سنڌي ذريعي تعليم امتياز هوندو. ليڪن ثانوي طور انگريزي زبان پاڙهڻ به لازمي هوندو.  جيئن شاگردن ۾ ان جو استعداد پيدا ٿئي.  اوسر تعليمي سرشتي جا ادارا جتي به تعمير ڪرايا ويندا سي ڏيک ۾ خوصورت عمارتون هونديون ۽ اسڪول ترقي يافته سهوليتن تي معمور هوندا، جن ۾ لائبرري، ليبارٽريز، ڳڻپيوڪر حال ۽ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ٻيا مڪمل معمولات شامل هوندا سنڌ کان علاوه پاڪستان ۽ دنيا اندر جن به ملڪن ۾ سنڌي وسنديون آباد ٿي رهيون آهن انهن هنڌن تي اوسر پيڙهڪا جو ادارو سنڌي تعليم ڏيڻ جون حتي الامڪان ڪوششون وٺندو ۽ اوسر تعليمي سرشتو برپا ڪندو. هن وقت تعلقي قاسم آباد، تعلقي مٽياري ۽ تعلقي هالا ۾ اوسر تعليمي سرشتو تحت ادارا قائم آهن ۽ پنهنجن محدود وسيلن اندر تعليمي ۽ تربيتي ڪم ڪري رهيا آهن.

 

Institutions:

  1. Abdul Rahman Memon Osar Girls School

  2. BiBi Badarunissa Pir Gul Hassan Luwari Shareef Osar School

  3. Dr. Shamsuddin Ursani Girls Science College

  4. Fatima Laghari Osar Girls School

  5. Gul Ursani High School Qasimabad

  6. Hafiz Muhammad Saddique Teachers Trainng Institution

  7. Israr Ansari Osar Model School Matiari

  8. Jean Manzoor Memon Osar School

  9. Muhammad Ramzan Osar Girls High School

  10. Muhammad Siddique Qureshi Bubakai Osar School

  11. Sindhi Science Academy