Culture

:تعارف

ثقافت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي.  جيڪا قوم کي پنهنجي انفراديت ۽ خصوصيت عطا ڪندي آهي. ثقافت جو وجود  تاريخي تسلسل سان لاڳاپيل هوندو آهي، جيترو قوم وڌيڪ تاريخ رکندڙ هوندي اوتروئي وڌيڪ هن جي ٻولي سهنجي ۽ شاهوڪار لفظن جي ذخيري سان ڀرپور هوندي. سنڌي قوم هڪ شاندار تاريخ جي مالڪ آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏ فطرتي تبديليون پروان چڙهيون ۽ رونما ٿيون آهن. هن گلوبل وليج ۾ جتي هر قوم پنهنجي پنهنجي ثقافت جي جنگ وڙهي رهي آهي، اتي سنڌي قوم کي ثقافت جو هڪ مستقل ۽ جاندار بنياد عطا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته تڪڙا اُپاءِ ورتا وڃن ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي انفراديت جو بچاءُ ڪندي گلوبل وليج جا چئلنجز قبول ڪجن.

اوسر پيڙهڪا امانتاڻه ان سلسلي ۾ پنهنجي هن شاغ کي اهم سمجهندي ڪجهه پروگرام جوڙيا آهن. جنهن ۾ اسٽيج ڊرامه جو رواج، ثقافتي راندين (ملهه، ونجهه وٽي، ٻيلهاڙو) کي عام ڪرڻ، راڳ ماڙي (راڳ رنگ جو ادارو) قائم ڪرڻ ۽ فنڪارن کي مڃتا ڏيڻ سان گڏ،  سنڌ جي ثقافت کي بين الاقوامي سطح تي ترقي ڏياري دنيا جي شاهوڪار سولائيزيشنس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلائڻ جي قابل بنائڻ آهي.