Appeal

                   قومي ادارو جاري رکڻ لاءِ امداد جي اپيل

 

اوسر پيڙهڪا سرڪاري طور رجسٽر ٿيل امانتاڻو آهي. اڪثر نجي ۽ فلاحي ادارا سرڪار امداد يا وري بين القوامي ايجنسين جي امداد تي هلي رهيا آهن. پر هن امانتاڻه جي هلتڪاريءَ جو انحصار اڃا تائين صرف چند فردن جي سخاوت تي هلي رهيو آهي. جن جو ذڪر لاڳاپيل هنڌن تي آيل آهي. اسين چاهيون ٿا ته امانتاڻه کي پنهنجا نجي وسيلا هجن جيئن هو خودڪار نظام تحت هلي سگهي.

اوسر پيڙهڪا امانتاڻو هن وقت حقيقي معني ۾ سنڌين جو هڪ قومي ادارو بنجي چڪو آهي. جيڪو مختلف شعبن ۾ روبعه عمل آهي. خصوصاَ اوسر تعليمي مرڪز، سنڌي سائنس اڪيڊمي، اوسر اشاعتاڻه جي شعبن ۾ سنڌي زبان کي اهڙي طرح ترقي ملي رهي آهي. جو ان جا انفرادي جوهر علمي حيثيت سان دنيا اڳيان نروار ٿي رهيا آهن. جيئن جيئن اوسر پيڙهڪا جي سرگرمين جو دائرو ڦهلبو قومي اشتراڪ عمل سان جڙندو پيو وڃي تيئن تيئن معاشري جي سول سوسائٽيءَ ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ذميواريءَ جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي.

سماج جي اجتماعي تبديلي فرد جي تبديليءَ تي مدار رکي ٿي ۽ فردن جي ذهن سازي سان هڪڙو آدرشي ۽ عظيم سماج جوڙي سگهجي ٿو. پوءِ اچو ته قوم جا فرد يڪمشت ٿي اوسر پيڙهڪا کي ترقي ڏيارڻ ۽ مستحڪم بنائڻ جو عزم ڪريون جيئن سنڌي قوم قابل فخر اثاثي جي وارث بنجي سگهي. اداري جو ڪم بلاشڪ وسيع المقاصد آهي ۽ اداري جي رڪنن پنهنجي ڪلهن تي عظيم ذميواري نڀائڻ جو بار رکيو آهي. پر جيڪڏهن اداري کي اجتماعي صورت ۾ قوم جي سگهه ۽ حمايت حاصل ٿي وڃي ته اسين پنهنجو مقصد ماڻي وٺنداسون.

اسين اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جا امانتدار پنهنجي وطن جي وسعتمند ڀلائي ڪار فردن توڙي پرڏيهه ۾ سنڌين جي سوشل تنظيمن جي اهلڪارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اوسر پيڙهڪا کي پنهنجي ڪاز ۾ ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرڻ لاءِ کليءَ دل سان امدادون ڪن ۽ ٻين عالمي فنڊڱ ايجنسين کان به امداد ڏيارڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪن.