Monthly Archives: April 2016

  • -
mrk

محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاء اسڪول

Category : Latest News

محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاء اسڪول …… سڀ ڪجهه اسان جي هٿ ۾!
اوسر پيڙهڪا پنهنجي هر اسڪول ۾ هم نصابي سرگرميون ڪرائڻ ايترو ئي اهم سمجهندي آهي جيترو نصابي سرگرميون، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي ذهني اوسر هم نصابي سرگرمين کان سواء ڪرڻ ممڪن نه آهي.
محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاء اسڪول ۾ ساليانه تقريب تقسيم انعامات تاريخ 17 هين اپريل 2016ع تي ٿي گذري جنهن ۾ اسڪول جي شآگردن پنهنجي بهترين پرفامنس ذريعي پنهنجي لڪل صلاحيت کي اجاگر ڪندي ٽيبلوز، ڊراما ۽ ڊانس پرفارمانسز پيش ڪيا. ٻهراڙين جي شاگردن ۾ ايتري صلاحيت ڏسي مهمانن شاگردن کي خوب سارهايو. هن تقريب ۾ ٻارن کي سندن ڪيل محنت عيوض امتيازي نمبر کڻڻ تي کين ايواڊ ڏنا ويا. هن تقريب ۾ اوسر فائونڊيشن جي منتظمين مان غزاله ميمڻ، امتياز احمد عرساڻي ۽ شير گل ٻلال شرڪت ڪئي. جڏهن ته هن سموري پروگرام کي اسڪول منتظمه ۽ سندس ٽيم ترتيب ڏنو.
هيء رپورٽ اوهان جي ڄاڻ ۽ ڪمنٽس لاء شيئر ڪجي ٿي.